نيب کي نئين ترميمي آرڊيننس تحت عدالت کي مطمئن ڪرڻو پوندو:چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب ترميمي آرڊيننس ۾ ڪامورن کي تحفظ ڏيڻ تي وضاحت طلب ڪندي چيو آهي ته جڏهن اختيار رکندڙ کي تحفظ ڏنو وڃي ته ٻئي کي ڪيئن گرفتار ڪري سگهجي ٿو. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڪرم دُراني جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا، جنهن ۾ هُن چيو آهي ته عوامي عهدو رکندڙ پرنسپل اڪائونٽ آفيسر ته ناهي هوندو، پرنسپل اڪائونٽ آفيسر ته بيورو ڪريٽ هوندو آهي. چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪو نئون آرڊيننس آيو آهي، اُن ۾ سمورا بيورو ڪريٽس ته محفوظ ٿي ويا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته نيب کي نئين ترميمي آرڊيننس تحت عدالت کي مطمئن ڪرڻو پوندو، نئين آرڊيننس تي ٻيا کوڙ سارا سوال اُٿيا آهن، جِن تي عدالت کي مطمئن ڪرڻو آهي. نيب اختيارن جي ناجائز استعمال جو ڪيس ٺاهي رهيو آهي ۽ اهي سمورا ڪيس اختيارن جي ناجائز استعمال جا آهن. نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ چيو ته اڪرم دُراني اختيار نه هوندي به غيرقانوني ڀرتيون ڪيون آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اختيار جو غلط استعمال اهو نه آهي ته توهان ڪنهن کي سفارش ڪري رهيا آهيو، جِن وٽ اٿارٽي هئي، اُنهن کي نيب آرڊيننس ذريعي شيلڊ ڏني وئي آهي. نئين آرڊيننس تحت اختيار رکڻ وارو جڏهن محفوظ ٿي وڃي ته نيب کي اسان کي مطمئن ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عدالت لاءِ ڏکيو آهي، جڏهن اختيار رکڻ واري کي قانون ۾ تحفظ ڏنو ويو آهي ته ٻئي کي ڪيئن گرفتار ڪري سگهجي ٿو. پراسيڪيوٽر جهانزيب ڀروانا عدالت آڏو چيو ته آرڊيننس کانپوءِ اهو پهريون ڪيس آهي، نئين آرڊيننس تي جيڪا صورتحال ٺهي آهي، اُن تي جواب لاءِ مهلت ڏني وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *