نيب کي سنڌ جي کاتن ۾ ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار ناهي: وڏو وزير

ڀريا سٽي(رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نيب کي سنڌ جي کاتن ۾ ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار ناهي پر اها وفاقي ادارن ۾ پنهنجو ڪم ڪري سگهي ٿي. ڀريا  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪنهن جي اچڻ وڃڻ سان ادارا تبديل نه ٿيندا آهن، ايف آءِ اي به پنهنجو اختيارن جي دائري اندر رهي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته گورنر محمد زبير پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري ته کين ڪو به اعتراض ناهي پر هن پنهنجا آئيني اختيار اورانگهيا ته احتجاج ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته وفاقي سرڪار سان غلط فهميون جلد ختم ٿي وينديون ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي غلط فهميون ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ سنڌ سرڪار ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال اڳ کان وڌيڪ بهتر آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو اغوا ٿيا آهن جن بابت جاچ جاري آهي، مغوين جي جلد بازيابي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *