اسلام آباد ( بيورو ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب نه رڳو ملڪ پر سمورن سارڪ ملڪن لاءِ رول ماڊل آهي، نيب ڦريل 297 ارب رپيه واپس ڪيا جيڪا وڏي ڪاميابي آهي، نه رڳو سارڪ پر ڀارت به نيب جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد اقبال چيو ته ڪرپشن جو خاتمو پهرين ترجيح ۾ شامل آهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. هن چيو ته سي پيڪ منصوبي ۾ شفافيت لاءِ يادداشت تي صحيحون ڪيون، نيب ڦريل رقم جي واپسي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته نيب ڦريل 297 ارب واپس ڪيا جيڪا وڏي ڪاميابي آهي، ٽرانپسرنسي انٽرنيشنل ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم نيب جي قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي.