نيب چيئرمين ڇا غلط ڪيو؟ نواز شريف روئڻ  پِٽڻ ڇڏي پنهنجو ڪيس وڙهي: قمر زمان ڪائرا

اسلام آباد (بيورو) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته نيب چيئرمين ڇا غلط ڪيو؟ ڪو ريفرنس ته فائل ناهي ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي قمر زمان ڪائرا جو چوڻ هو ته نيب چيئرمين ڇا غلط ڪيو آهي؟ هن رڳو هڪ رپورٽ جي تصديق جو چيو آهي، نواز شريف خلاف ڪو ريفرنس ته ناهي ٺاهيو. هن چيو ته ڪيسن ۾ دير شريف خاندان جي وڪيلن جي ڪري ٿي رهي آهي، جيڪڏهن انهن جا وڪيل هڪ شاهد جي جرح لاءِ 15-15 ڏينهن لڳائن ته دير ٿيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته نواز شريف روئڻ پَٽڻ ڇڏي پنهنجو ڪيس وڙهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *