نيب چيئرمين لاءِ اڃا ڪنهن به نالي تي اتفاق نه ٿيو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد( بيورو ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نيب چيئرمين لاءِ ميڊيا تي هلندڙ نالن ۾ ڪابه سچائي ناهي، هن وقت تائين ڪو به نالو تجويز نه ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين سان صلاح مشوري کانپوءِ نالو وزيراعظم کي موڪليو ويندو. نيب چيئرمين جي معاملي تي سمورين سياسي پارٽين سان رابطا آهن، عاشور کانپوءِ رابطا وڌيڪ تيز ڪيا ويندا. هن چيو ته  تحريڪ انصاف سان مشوري ۽ وزيراعظم سان به ملاقات ڪري چڪو آهيان، اڃا وزيراعظم ڪو نالو تجويز نه ڪيو آهي ۽ نه وري مخالف ڌر جي پارٽين ڪو نالو ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته  جماعت اسلامي طرفان به ڪو نالو نه آيو آهي، مخالف ڌر جي پارٽين سان مشوري کانپوءِ اتفاق وارو نالو وزيراعظم کي ڏيندس. خوڙسيد شاهه چيو ته پ پ مشوري سان قومي معاملا طئي ڪندي آهي، نيب چيئرمين جي نالي تي اتفاق نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي وٽ ويندو، 12 رڪني پارلياماني ڪميٽي ۾ 6 ميمبر حڪومت ۽ 6 مخالف ڌر جا آهن، اها ڪميٽي ووٽنگ ذريعي نيب چيئرمين جي چونڊ ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *