نيب چيئرمين فواد حسن فواد ۽ اسحاق ڊار سميت ٻين خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ خلاف ضابطه قرضن جي ادائيگي ڪندڙن خلاف انڪوائري جي منظور ڏيندي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي. پڌرائي موجب حڪومتي عهديدارن ۽ بين خلاف ضابطا گردشي قرض ادا ڪيا، 2013 ۾ خلاف ضابطا 480 ارب رپين جا گردشي قرض ادا ڪيا. پڌرائي موجب نيب فواد حسن فواد تي قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جو به الزام آهي. ڪرپشن جي شڪايت تي انتظاميا نيلم جهلم پروجيڪٽ جي خلاف به انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي، پي آءِ سي آفيسر ۽ ٻين خلاف ڪرپشن جو الزام آهي انه جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي. پڌرائي ۾ نيب چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته پشاور ميٽرو بس منصوبي ۾ ڪرپشن جي شڪايت جي تصديق ٿي آهي، جنهن تي پشاور ميٽرو بس منصوبي جي انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي. ان سان گڏوگڏ اسحاق ڊار، اڳوڻي پي ٽي اي چيئرمين انوشا رحمان خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي. جوابدارن تي اين جي ايم ايس اي جو غير قانوني ٺيڪو ڏيڻ ۽ قومي ناڻي کي ڳرو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. ان کان سواءِ پيپلز پارٽي جي سينيٽر روبينا خالد، اڳوڻي اي ڊي لوڪ ورثو ۽ ٻين خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي. جوابدارن تي من پسند ڪمپنين کي ٺيڪا ڏيڻ جو الزام آهي. نيب چيئرمين جي پڌرائي موجب سول ايوي ايشن اٿارٽي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته جوابدارن تي جهازن جي اوزارن جي خريداري جو ٺيڪو من پسند ڪمپنين کي ڏيڻ جو الزام آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *