نيب چيئرمين جي وڊيو پٺيان پ پ جو هٿ ناهي: آصف زرداري

اسلام آباد: (بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نيب چيئرمين جي وڊيو ۾ پيپلز پارٽي جي ملوث هئڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته ان موقعي تي صحافين کائنس سوال پڇيو ته شيخ رشيد چوي ٿو ته نيب چيئرمين جي تڪراري ويڊيو پٺيان پيپلز پارٽي جو هٿ آهي؟ . ان تي اڳوڻي صدر آصف زرداري ٽهڪ ڏيندي جواب ڏنو ته اسان اهڙا ڪم ناهيون ڪندا. ذاتي معاملن سان منهنجو واسطو ناهي.آصف زرداري کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان نيب چيئرمين جو متبادل ڳولي رهيا آهيو ؟ جنهن تي هن جواب ڏيندي چيو ته جنهن سرڪار کي ڳولڻو آهي اها پاڻ ڳولي.آصف زرداري چيو ته نيب پاڪستان جي انڊسٽري کي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ چيئرمين نيب سياستدانن جي خلاف پنهنجي آفيس استعمال ڪري رهيو آهي. اسان جو مطالبو آهي ته هو پنهنجي آفيس جو غلط استعمال نه ڪري باقي ته پارليامينٽ جو ڪم آهي.ياد رهي ته  نيب چيئرمين جاويد اقبال جي گڏيل آڊيو ۽ وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هو هڪ عورت سان نازيبا گفتگو ڪري رهيا آهن. جڏهن ته نيب هن وڊيو کي من گهڙت قرار ڏنو آهي. وديو ٺاهيندڙ عورت طيبه ۽ سندس مڙس فاروق جي خلاف نيب ريفرنس به داخل ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *