نيب چيئرمين جي عملي کي جاچ لاءِ گهرايلن سان اخلاق سان پيش اچڻ جي هدايت

لاهور (م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال سمورن ڊي جيز کي هدايت جاري ڪئي آهي ته اهي جاچ لاءِ طلب ڪيل ماڻهن سان اخلاق سان پيش اچن. نيب چيئرمين طرفان سڀني ڊي جيز کي هدايت نامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهي جاچ لاءِ گھرايل سڀني آفيسرن سان اخلاق سان پيش اچن. هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته نيب ۾ جاري جاچ لاءِ ماڻهن کي مقرر وقت تي گھرايو وڃي ۽ مڪمل تياري، شاهدين سميت اخلاق اسان پيش اچجي. جاچ لاءِ پيش ٿيندڙ ماڻهن جي عزت جو خيال رکيو وڃي، ان ڪوتاهي ۽ غير ضروري دير برداشت نه ڪئي ويندي. هدايتن تي عمل نه ڪرڻ تي لاڳاپيل ڊي جيز ذميواز هوندا. هدايت نامي جي حوالي سان جاري پريس رليز ۾ اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته ميڊيا نيب ۾ جاري شڪايتن جي جاچ، انڪوائري ۽ انويسٽيگيشن بابت ڪيل اڳڪٿين کان پاسو ڪري ۽ نيب بابت خبر جي تصديق نيب ترجمان کان ڪئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *