اسلام آباد ( بيورو ) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر علي ظفر علي چيو آهي ته نيب پنهنجي نظام تحت ڪارروائي ڪندي آهي اسان کي ڪنهن بليم گيم جو حصو نه بڻجڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي ظفر چيو ته اسان ڪنهن بليم گيم جو حصو نه ٿا بڻجڻ چاهيون، نيب جي قانون ۾ اسان مداخلت نه ٿا ڪري سگهون، نيب پنهنجي نيب تحت ڪارروائي ڪندي آهي، ادارن کي ڪابه ڪارروائي جيڪا قانوني هجي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اليڪشن لاءِ فنڊ پورا ڪرڻ جي ذميواري حڪومت جي آهي، چونڊون پرامن، وقت تي ۽ شفاف نموني ٿيڻ گهرجن، ڪجهه پولنگ اسٽيشنون نهايت حساس آهن، ڪو سڪيورٽي خدشو هجي ته عوام کي آگاهه ڪنداسين. علي ظفر چيو ته اسان وٽ لائن لاسز آهن تنهن ڪري پولنگ واري ڏينهن لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي گارنٽي نه ٿو ڏئي سگهان.