نيب ملڪ کي مفلوج ۽ معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب ملڪ کي مفلوج ۽ معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي هاڻ نيب کي ئي ختم ڪرڻ گهرجي.اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته 6 مهينا گذري ويا آهن قومي احتساب بيورو(نيب) الزام ثابت ناهي ڪري سگهيو آهي. جڏهن ته نئين ترميمي آرڊيننس کان پوءِ اختيارن جي غلط استعمال جو لزام ختم ٿي چڪو آهي. منهنجي دوستن ۽ مائٽن تي نيب وارا دٻاءُ وجهندا آهن ته انهن جا اثاثا شاهد خاقان جا آهن هن چيو ته نيب کي صرف پوليٽيڪل انجنيئرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ هي نيب جا پراڻا تماشا آهن بس هڪ ئي طريقو آهي ته ماڻهن کي بدنام ڪيو وڃي.نيب کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب چيئرمين منهنجي ضمانت بابت هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري. نيب ملڪ کي مفلوج ۽ معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي به مهانگائي بابت ڪم نٿو ڪري سگهي. مهانگائي بابت حڪومت پارلياماني ڪميٽي جوڙي. هن چيو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو وفاقي وزير فواد چوڌري مخالف ڌر ۾ رهن يا حڪومت ۾؟ شاهه محمود قريشي ڪشمير تي اسان کي جواب ڏي جڏهن ته فواد چوڌري اسان کي جلد چنڊ تي پهچائيندو.شهباز شريف جي وطن واپسي بابت ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شهباز شريف جلد واپس ايندو جڏهن ته حڪومت طرفان برطانيه کي لکيل خط جو ڪوبه سفارتي جواز ناهي. هن چيو ته مسلم ليگ(ن) جي وڏي ڪاميابي ٻئي ڪهڙي هوندي ته حڪومت بلاول ڀٽو ۽ ميڊيا(ن) ليگ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي. ياد رهي ته شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ريفرنس ۾ احتساب عدالت پهتو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *