نيب ملڪ رياض کي ايندڙ هفتي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) قومي احتساب بيورو (نيب) پراپرٽي ٽائڪون ملڪ رياض کي ايندڙ هفتي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب نيب ملڪ رياض خلاف گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي. نيب ملڪ رياض کي ڪوڙن اڪائونٽن جي ڪيس ۾ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ملڪ رياض ايندڙ هفتي طلب ڪرڻ جو نوٽيس ترت جاري ڪيو ويندو. نيب ذريعن موجب ملڪ رياض نه رڳو ڪوڙن اڪائونٽن جي ڪيس بابت جاچ ڪئي ويندي پر بحريا ٽائون طرفان ڪروڙين رپين جي ادائگين بابت به جاچ ڪئي ويندي. نيب طرفان ملڪ رياض کي بيان ريڪارڊ ڪرائڻ کان علاوه هڪ سوالنامو به ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نيب راولپنڊي بيورو ملڪ رياض کي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ( ِڊي ايڇ اي) ويلي ڪيس ۾ به طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان تي به ترت ملڪ رياض کي نيب طرفان طلب ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويندو. ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ڪيس ۾ به نيب جي جاچ آفيسرن ملڪ رياض جو بيان ريڪارڊ ڪندا جڏهن ته ملڪ رياض کي ڪيس بابت سوالنامو به ڏنو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *