اسلام آباد (بيورو) نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءِ مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، جمعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي، اپيل ۾ چيو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي خلاف فيصلو ڏنو، هاءِ ڪورٽ ضمانت جي ڪيس ۾ ثبوتن تي آبرزويشنز ڏني، هاءِ ڪورٽ جي آبزرويشنز سان ٽرائيل متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، نيب اپيل ڪئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو معطل ڪيو وڃي، نيب اپيل ۾ چيو ويو ته مريم نواز 2008 ۾ چوڌري شگر ملز جي 47 سيڪڙو شيئر هولڊر سان سڀ کان وڏي شيئر هولڊر رهي، نيب موقف اختيار ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ مان ان جي ضمانت کانپوءِ کوڙ سارا قانوني سوال اٿيا آهن.