لاهور (اين اين آءِ) نيب ٻن اڳوڻن وزيراعظم نوازشريف ۽ شاهد خاقان عباسي جي پرنسپل سيڪريٽري رهندڙ ۽ موجوده ڊي جي سول سرورسز اڪيڊمي فوادحسن فواد کي اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو جنهن جي نيب عملدارن پاران به تصديق ڪئي ويئي ميڊيا رپورٽس مطابق نيب فواد حسن فواد کي عاشيانه هائوسنگ اقبال ڪيس ۾ 11 ڀيرو طلب ڪيو هو جڏهن ته هو گذريل ڏينهن ٽيون ڀيرو نيب آڏو پيش ٿيو نيب جي آفيس پهچڻ جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن فواد حسن فواد سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ڪو جواب ڏيڻ کان سواءِ آفيس ۾ هليو ويو نيب جي ترجمان موجب فواد حسن فواد کان عائشيانه هائوسنگ اقبال ڪيس جي سلسلي ۾ سوال ڪيا ويا جڏهن ته هو مناسب جواب نه ڏيئي سگهيو جنهن تي کيس گرفتار ڪري بند ڪيو ويو. فواد حسن فواد جي گرفتاري جي ڊي جي نيب شهزاد سليم به تصديق ڪئي ٻئي پاسي فواد حسن فواد جي خلاف الزامن جو تفصيل به جاري ڪيو ويو.