اسلام آباد (بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نيب ن ليگ جي ملڪيتن جي جاچ پڙتال ڪندي رهي آهي، عليمه خان جي ملڪيت جي به ڪري. احتساب عدالت ۾ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نواز شريف سوال ڪيو ته هي ڪنهن جي پيسن مان ملڪيت ٺاهي وئي، عليمه خان جي آمدني جا ذريعا ناهن، اربين رپين جي ملڪيت ڪيئن خريدي ورتي، عليمه خان جي ملڪيت جي مني ٽريل ڇا آهي، قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي ته رقم ڪٿان آئي ڪنهن ڏني؟ اڳوڻي وزيراعظم سوال اُٿاريو ته وزيراعظم جي ڀيڻ عليمه خان دبئي ۾ اربين رپين جي ملڪيت ڪيئن ٺاهي ڇا اهو اين آر او ناهي؟ اڳوڻي وزيراعظم سوال ڪيو ته عمران خان جا اثاثا ڪٿان آيا؟ دبئي واري گهر جي ڪهڙي ڪهاڻي آهي؟ اهو پڻ واضح ٿيڻ گهرجي. نواز شريف چيو ته اسان گارگند ۽ الزامن واري سياست ڪڏهن به ناهي ڪئي پر مجبور ٿي پڇي رهيو آهيان ته عليمه خان جي دبئي پراپرٽي ڪيئن بڻائي وئي؟ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مان هڪ ڏک ۾ مبتلا هئڻ باوجود نه چاهيندي به اڄ ڊگهي عرصي کانپوءِ سياسي بيان ڏئي رهيو آهيان. هن چيو ته اين آر او جو ته سوچي به نٿا سگهون جيڪڏهن اين آر او وٺڻو هجي ها ته لنڊن کان پاڪستان نه اچون ها. نواز شريف چيو ته نواز، شهباز ۽ مريم سڀ جيلن ۾ آهن، مان سخت تڪليف ۾ مبتلا آهيان، ملڪ جي خدمت ڪندڙن کي جيلن ۾ واڙيو ويو، خدمت جو اهو انعام ڏنو ويو آهي. هن چيو ته مان 6 ميهنن، سال، ٻه سالن ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي دعوائون نه ڪيون، پارٽي اڳواڻن ڪيون هيون، پر پوءِ به پنهنجي حڪومتي دور ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪئي. نواز شريف جو چوڻ هو ته اسان ملڪي معيشت مضبوط ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جي دور ۾ اٽو، گيهه، دال ۽ ڀاڻ سڀ سستو هو، هاري خوشحال هو، هاڻي حالتون سڀني جي سامهون آهن.