نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي: (م ڊ)  قومي احتساب بيورو(نيب) سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.نيب ذريعن موجب آغا سراج دراني خلاف داخل ريفرنس ۾ 20 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جوابدارن تي هڪ ارب 60 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي. نيب ريفرنس جا نقل آغا سراج دراني جي وڪيل کي فراهم ڪري ڇڏيا آهن.  ريفرنس ۾ آغا سراج دراني، سندس گهر واري، پٽ، چار نياڻيون، هڪ ڀاءُ ۽ ملازم به شامل آهي. ريفرنس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آغا سراج دراني هڪ ارب 61 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا اثاثا ٺاهيا، هن ڪجهه ملڪيتون وڪرو به ڪري ڇڏيون آهن. ريفرنس موجب آغا سراج دراني جي غير قانوني اثاثن ۾ گهر ۽ 35 گاڏيون به شامل آهن، سندس لاڪر مان 350 تولا سون مليو، جوابدارن ۽ سندس ٻين گهر وارن وٽان 11 ڪروڙ رپين جون قيمتي گاڏيون هٿ ڪيون ويون. ريفرنس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته آغا سراج دراني 2007 کان 2018ع تائين 11 ڪروڙ روپين جي آمدني ظاهر ڪئي آهي ۽ اها آمدني زرعي زمينن جي ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته جاچ دوران جوابدار آمدني 8 ڪروڙ روپيه ٻڌائي هئي. ريفرنس موجب اثاثن ۾ 11 گاڏيون ڌيئرن، زال ۽ پٽ جي نالي تي ڪراچي ۽ ايبٽ آباد ۾ جڳهيون آهن. جڳهين جي رقم جي ادائيگي ملازم جي نالي سان ڪئي وئي.نيب ريفرنس جي نقل آغا سراج دراني جي وڪيل کي فراهم ڪري ڇڏي آهي. آغا سراج دراني  جي وڪيل ٻڌايو ته سندن هڪ درخواست اڃا تائين رولڙي جو شڪار آهي، ريفرنس اڃا ٻڌڻ جوڳو ناهي تنهن ڪري عدالت پابند ناهي ته ريفرنس کي لازمي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري. ٻئي طرف احتساب عدالت آغا سراج دراني جي رمانڊ ۾ 17 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.احتساب عدالت ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته ٽن مهينن کان انتظار پئي ڪيو هاڻي ريفرنس داخل ٿيو آهي. گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ پيش ايندڙ واقعي تي هن چيو ته هي حڪومت 50 ماڻهن کي نٿي سنڀالي سگهي. هن حڪومت کي جيالن جي خبر ناهي. جيالن ضياءِ جي مارشل لا ۽ مشرف جهڙي آمر کي منهن ڏنو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *