نيب ريفرنس جو فيصلو مهيني ۾ ٻڌائڻ جو حڪم، نواز شريف ۽ مريم کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت

لاهور ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ احتساب عدالت کي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت ٻين جوابدارن خلاف ٽنهي ريفرنسز جو هڪ مهيني ۾ فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ احتساب عدالت طرفان شريف خاندان خلاف ٽرائل مڪمل ڪرڻ جي مدي ۾ واڌ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي نواز شريف جو وڪيل خواجه حارث ۽ نيب جو پراسيڪيوٽر جنرل پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث عدالت کي درخواست ڪئي ته 6 هفتن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جو وقت ڏنو وڃي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻي ڪيسن جو فيصلو ٿيڻ گهرجي، جوابدار به پريشان آهن ۽ قوم به ذهني اذيت جو شڪار آهي.  هن چيو ته احتساب عدالت هاڻي ڇنڇر ڏينهن به ٽنهي ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪندي جنهن تي نواز شريف جي وڪيل چيو ته ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن عدالت جي روبرو پيش نه ٿي سگهنداسين.  چيف جسٽس چيو ته خواجه صاحب توهان اڃا جوان آهيو، مان پوڙهو هئڻ باوجود آچر تي به ٻڌڻي ڪري رهيو آهيان.  چيف جسٽس چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز بيگم ڪلثوم نواز جي عيادت لاءِ  وڃڻ چاهين ٿا ته وڃي سگهن ٿا، مون کي ٻڌايو ته نواز شريف عيادت کانپوءِ ڪڏهن واپس ايندو، توهان مشهوري لاءِ چئو ٿا ته اسان کي ڪلثوم نواز جي عيادت جي اجازت نه ڏني وئي. چيف جسٽس چيو ته توهان زباني درخواست ڏيو اسان اجازت ڏينداسين. چيف جسٽس ثاقب نثار  شريف خاندان خلاف نيب ريفرنس هڪ مهيني اندر اڪلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *