اسلام آباد (رپورٽر) نيب راولپنڊي نواز ليگ ايم اين اي احسن اقبال کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب ترجمان تصديق ڪندي چيو آهي ته احسن اقبال کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو، طبي معائني کانپوءِ سڀاڻي کيس جسماني رمانڊ لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته نواز ليگ ايم اين اي احسن اقبال کي نارووال اسپورٽس ڪامپليڪس اسڪينڊل ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب راولپنڊي طرفان اڄ نواز ليگ ايم اين اي کي طلب ڪيو ويو هو، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته احسن اقبال کي نيب آفيس مان ئي گرفتار ڪيو ويو، نيب چيئرمين طرفان اڳ ئي گرفتاري وارنٽ جي منظوري ڏني وئي هئي، پر اُن کي ڳُجهو رکيو ويو. واضح رهي ته نواز ليگ ايم اين اي احسن اقبال ڪجهه دير اڳ ميڊيا سان ڳالهين دوران نيب تي تنقيد ڪئي ۽ چيو هو ته طلبي نوٽيس انتقام جو حصو آهي.