نيب حسن ۽ حسين نواز کي انٽرپول ذريعي گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور ( م ڊ ) نيب چيرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب جو چونڊن سان ڪوبه تعلق ناهي، اميدوار چونڊ مهم به هلائن، جڏهن نيب گهرائي ته پيش به ٿين، نيب حسن، حسين نواز کي انٽرپول ذريعي گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب جي آفيسر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته اسان جو ڪو به سياسي ارادو ناهي ۽ ڪنهن کي پارٽي کي ٽارگيٽ نه پئي ڏني وڃي، قانون تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي جيڪو نه ڪندو تنهن کان ڪرايو ويندو. هن چيو ته نيب جو چونڊن سان ڪو به تعلق ناهي، نيب جي نوٽيسن تي هر حال ۾عمل ڪرايو ويندو،  نوٽيس قانون موجب موڪليا پيا وڃن، نوٽيس جاويد اقبال جو ذاتي دعوت نامو ناهي، اميدوار چونڊ مهم به هلائن ۽ نيب گهرائي ته پيش به ٿين.  سندس چوڻ هو ته ڌمڪين کانپوءِ گهر کي تالو هڻي نه ٿو ويهي سگهجي، ڪم تي ڪرڻو آهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نيب اليڪشن کان اڳ به ڪم ڪري رهي هئي ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ چونڊن بعد به ڪارروائي جاري رهندي. جاويد اقبال چيو ته سياسي ماڻهو به نيب ۾ انشاءَ الله پيش ٿيندا، اڄ ڪلهه چونڊن جي هنگامي واري صورتحال آهي، تنهن ڪري اسان کين موقعو ڏئي رهيا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *