سکر (رپورٽر) نيب جي چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال اعتراف ڪيوآھي ته نيب جا ڪجهه جاچ آفيسر اهڙا آھن جن کي جاچ جي الف ب جي به خبر ناهي. ڪڏھن به اهو برداشت نه ڪيو ويندو ڪوئي جاندار ڪيس ڪنهن جاچ آفيسر جي غلطي ڪري ختم ٿي وڃي. سکر ۾ جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين چيو ته ميگا ڪرپشن جي ڪيسن کي انجام تائين پهچائڻ پهرين ترجيح آھي. گذريل 23 مهينن ۾ بد عنواني جا 600 ريفرنس احتساب عدالتن ۾ داخل ڪياوياآھن. نيب احتساب سڀن جو جي پاليسي تي عمل پيرا آھي. چيئرمين نيب مهانڊو نه پر ڪرپشن جو ڪيس ڏسندو آھي. رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو ته ڪوبه نيب آفيسر ڪنهن سائل کي فون ڪري نه گهرائيندو، باقاعده نوٽيس جاري ڪري سائل کي گهرايو ويندو. ڪجهه کاتن جي سيڪريٽريز کي نيب آفيسرن فون ڪيا آھن اهڙي شڪايت ملي آھي. خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري کي فون ڪري بدلي ۽ مقرري جي سفارش ڪئي وئي آهي. ڪوبه نيب آفيسر ڪنهن به ڪاموري کي سفارشي فون نه ڪندو. هن چيو ته سکر ۾ نيب اهلڪارن ۽ آفيسرن جي صحت سٺي آھي پر اهي واڪ ضرور ڪن. سزائون نه ملڻ گهٽتائي نااهلي آھي. ماضي ۾ ڪنوڪشن بهتر هئي پر هاڻ گهٽ ٿي وئي آھي. اها نااهلي آھي. پنهنجي نااهلي جو اعتراف خراب ڳالهه ناهي. نيب ۾ ٿاڻي ڪلچر جو ڪوابه جواز نه آهي، اهڙو ڪلچر نيب جاچ آفيسرز جي دفتر ۾ نه هجڻ گهرجي، هٿڪڙي ڪلچر ختم آھي، ڪنهن کي به هٿڪڙي نه هنئي وڃي. هن چيو ته سکر ريجن ۾ غير ذميواري ۽ بدديانتي موجود آھي، جن کي هو پاڻ ڏسي پيو، ڪنهن به آفيسر خلاف بدديانتي ثابت ٿي ته ان خلاف ڪاروائي ٿيندي.