نيب جي قانون (سنڌ سيڪشن) جي منسوخي  کانپوءِ نيب سنڌ ۾ ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي؛وڏو وزير

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نيب جي قانون (سنڌ سيڪشن) جي منسوخي  کانپوءِ نيب سنڌ ۾ ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي. اسان پنهنجو اينٽي ڪرپشن جو قانون لاڳو ڪيو آهي ۽ هاڻي صوبائي حڪومت صوبي مان ڪرپشن جو خاتمو آڻيندي. هن اها ڳالهه اڄ سينٽ پيٽرڪس ڪيٿڊرال چرچ صدر جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، جتي هن اڄ اقليتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي عيسائي برادريءَ جا اظهار يڪجهتي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ڊاڪٽر مڪيش ڪمار چاولا، کٽومل جيوڻ لعل، پيپلز پارٽي اڳواڻ نويد اينٿوني، ايم پي اي سعيد غني ۽ ٻيا سندس گڏ هئا. هن چيو ته هاڻ صوبائي ڪيس نيب جي اختيار ۾ نه ايندا. هن چيو ته اسان جو موقف واضح آهي ته اينٽي ڪرپشن صوبائي سبجيڪٽ آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪرپشن خلاف جنگ لاءِ صوبائي قانون کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گورنر سنڌ ايپڪس ڪميٽيءَ جو ميمبر نه آهي، انهيءَ کان اڳ گورنر کي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ خاص دعوت ڏني ويندي هئي. پوليس اهلڪارن جي حاليه قتل بابت هن چيو ته هن انهن ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ لاءِ سخت اپاءَ ورتا آهن. هن اسان ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون ته ڪهڙو گروهه پوليس فورس جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي. هن چيو ته هُو انهن مذموم عنصرن جو خاتمو ڪري ڇڏيندو. انسپيڪٽر جنرل پوليس بابت وڏي وزير چيو ته سندس معاملو عدالت ۾ آهي انڪري ان تي نه ڳالهائيندس. انهيءَ کان اڳ جڏهن وڏو وزير سينٽ پيٽرڪس ڪيٿڊرال چرچ پهتو ته عيسائي برادري جي بشپ جوزف ڪوٽس، فادر صالح ڊيگو، فادر ماريو روڊڪ سندن ڀليڪار ڪيو ۽ گل نڇانور ڪيا ۽ گلدستو پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مساوي حق حاصل آهن. هن چيو ته صوبي سنڌ ۾ اسان ڪڏهن به اوهان کي (عيسائي) اقليت ناهي سمجهيو پر اوهان ان ڌرتيءَ جي پيداوار آهيو ۽ اوهان کي اسان جي مسلمان ڀائرن وانگر برابريءَ وارا حق حاصل آهن. هن چيو ته تعليم ۽ صوبي جي ترقيءَ ۾ عيسائي برادريءَ جو نمايان ڪردار رهيو آهي. چرچ جي دوري بعد وڏي وزير سوامي نارائن مندر لائيٽ هائوس جو دورو ڪيو ۽ انهن جي مذهبي رسمن ۾ شرڪت ڪئي ۽ هن مندر جي ڀرسان واقع گرونانڪ دربار جو به دورو ڪيو ۽ انهن جي به مذهبي رسمن ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير جي اقليتي مامرن واري خاص معاون ڊاڪٽر کٽو مل چيو ته هُو مندر جي عمارتن ۾ علحيده پرائمري کان سيڪنڊري اسڪول جي قيام لاءِ اسڪول ايجوڪيشن سان ڳالهائيندو. هن چيو ته اوهان ( هندو ۽ سک) هتان جا رهواسي آهيو ۽ اوهان جا 300 کان وڌيڪ گهر مندر واري علائقي جي چوطرف آهن، انڪري اوهان کي ڪمپائونڊ اندر اسڪول جي ضرورت آهي. وڏي وزير پنهنجي پارٽيءَ پاران يقين ڏياريو ته انهن سان هرقسم جو سهڪار ڪيو ويندو. هن چيو ته اوهان پاڻ کي اقليت ڇو ٿا سمجهو، بلڪه اوهان اسان جي اڪثريت آهيو، اوهان جي موجودگيءَ سان هي ملڪ رنگارنگ ۽ خوبصورت آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به ان خوبصورتيءَ کي خراب ٿيڻ نه ڏيندي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ٻن هندن کي صوبائي ڪابينا ۾ وزير ورتو آهي. هن چيو ته اسان اوهان سان گڏ آهيون ۽ اوهان سان گڏ رهنداسين، ڇاڪاڻ ته اوهان جون پاڙون هن صوبي ۽ ملڪ ۾ تمام مضبوط آهن ۽ هي اوهان جو ملڪ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *