اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ۵ رڪني بينچ ڪري رهي آهي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته عدالت گذريل ڏينهن داخل ڪيل اپيل جي حوالي سان سوال پڇو هو، حديبيا پيپر ملز ۽ پاناما ڪيس جي نوعيت ۾ فرق آهي.حديبا پيپرز ملز ڪيس کي پاناما ليڪس جي معاملي سان نه ڳنڍيو وڃي، هن ڪيس جي ريڪارڊ جو جائزو ورتو آهي انهي ۾ فارن ڪرنسي اڪائونٽن تي قرض کنيو ويو هو. جنهن تي جسٽس عظمت سعيد شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان اٽارني جنرل جي حيثيت سان دليل ڏيو مالڪ نه بڻجو. اٽارني جنرل ۽ سڀئي وڪيل عدالت تي رحم ڪريو، هر وڪيل الڳ الڳ ڳالهه ڪري اسان کي پريشان ڪري ٿو ڇڏي. جيڪڏهن ڪا ڪهاڻي به ٺاهي اٿو ته انهي تي قائم رهو. پهرين ٻڌايو ويو ته قطري وٽ انويسٽمينٽ ڪئي وئي هئي، جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ڪيس ۾ مالڪ نه پر عدالت جي پاسي وڙهان پيو. جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته گذريل ڏينهن نيب اسان جي سامهون فوت ٿي وئي. جيڪڏهن حيبيا پيپرز ڪيس ۾ الزام غلط هئا ته انهي ڪيس ۾ ڇو ٿا ڊڄو ۽ جيڪڏهن ڪيس ۾ لڳايل الزام درست آهن انهي ڪيس کي دفن ڇو ڪيو ويو؟ جسٽس آصف سعيد کوسا اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته حديبيا ڪيس ۾ رياست مدعي هئي ۽ توهان رياست جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو. جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته منهنجو ڪم عدالت جي سامهون سچ کڻي اچڻ آهي. مان وفاق جي وڪالت نه پر عدالت جي پاسي آهيان. جسٽس عظمت سعيد چيو ته اسان کي خبر آهي ته توهان ڪهڙن حالاتن مان گذري رهيا آهيو، توهان اعليٰ قسم جا وڪيل آهيو، توهان مان هونءِ به اسان کي ڪا اميد ناهي. اٽارني جنرل وراڻيو ته عدالت سامهون ريڪارڊ موجب حقائق پيش ڪري رهيو آهيان. عدالتي فيصلي جي خلاف اپيل ڪير به ڪري سگهي ٿو، جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته اپيل جو حق متاثر فريق کي ئي هوندو آهي. اٽارني جنرل جواب ڏنو ته آئين ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي تنهن ڪري درخواست گذار کي ٻڌائڻو پوندو آهي ته ڪهڙي بنياد حقوق جي خلاف ورزي ٿي. جسٽس شيخ عظمت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو ڪم هر شهري جو بينادي حق آهي سندن وزيراعظم اهل آهي يا نه جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته معاملو نوازشريف جي بطور وزيراعظم جو ناهي اسيمبلي اڳواڻ جي اهليت جو آهي. جسٽس عظمت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ٻيا ادارا پنهنجو ڪم ڍنگ سان نه ٿا ڪن، عدالت مداخلت ڪري سگهي ٿي، نعيم بخاري مداخلت ڪندي چيو ته يوسف رضا گيلاني ڪيس ۾ عدالت صرف ايڪشن کنيو بلڪي کيس گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن ٦۵ ملين ڊالر واپس نه آيا پر وزيراعظم گهر ڀيڙو ٿيو جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته آئين جي آرٽيڪل ٦۳ ڊيڪليريشن ڏيڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي. سپريم ڪورٽ ۾وقفي کان پوءِ پاناماڪيس جي ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته جسٽس عظمت چيو ته لڳل الزامن کي عدالت ڪيڏانهن کڻي وڃي، توهان صرف اٽارني جنرل طور جواب ڏيو، جسٽس اعجازلاحسن چيو ته ڪجهه الزامن کي تسليم ڪيو ويو ۽ دستاويزات به ڏنا ويا جنهن تي اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته اسان جي اداري جو وقار پرڏيهه مجروح ڪيو ويو. جسٽس عظمت چيو ته ادارا ڪم نه ڪندا ته ائين ئي ٿيندو. بهتري انهي ۾ آهي ته توهان ادارن ۾ ئي سوالن جا جواب ڏيو، اٽارني جنرل چيو ته عدالت ادارن کي تمام گهڻو مضبوط ڪيو آهي جنهن تي جسٽس عظمت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي خبر آهي توهان صرف سوالن جا جواب ڏيو. اسان سڌي طرح اهو پيا پڇون ته لڳل الزامن کي اسان ڪيڏي کڻي وڃو؟ سڀني جو اسان ٻڌوسين پر صرف هن سوال جو جواب ٿا گهرون