نيب جو مطلب ”ن احتساب بيورو“ آهي: مسلم ليگ جي ترجمان جي تنقيد

اسلام آباد(بيورو): پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب قومي احتساب بيورو (نيب) کي ”(ن) ليگ جو اڪائونٽي بليٽي بيورو“ قرار ڏئي ڇڏيو.پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته نيب موجب جنهن جنهن جي نالي ۾ شريف اچي ٿو ان کي نيب ۾ وجهي ڇڏيو، شهباز شريف وڏ وزارت جي ڪرسي تان لهڻ کانپوءِ ٻه ڀيرا نيب جي عقوبت خانن ۾ رکيو.هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ مافيا جي حڪومت مسلط آهي، جنهن پارليامينٽ، معيشت، ماني، روزگار ۽ اپوزيشن کي يرغمال بڻائي رکيو آهي ۽ ٻين کي چور ۽ مافيا چوي ٿو. نيب پريس ڪانفرنس ۾ ڪاغذ لهرائڻ بدران عدالتن ۾ ثبوت ڇو پيش نٿا ڪريو؟هن جو چوڻ هو ته عمران خان ڪيستائين ڪوڙ جي بنياد تي سياسي انتقام وٺندو ۽ ميڊيا ٽرائيل ٿيندو رهندو؟ عدالت ۾ نيب ٻڌائي ڪهڙن منصوبن ۾ شهباز شريف ڪرپش ڪئي؟ عدالت ۾ نيب ٻڌائي ته شريف خاندان ڪهڙن سرڪاري پئسن جي ڪرپش ڪئي ۽ خانگي ڪاروبار ۾ لڳايا؟مريم اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ بدترين سياسي انتقامي ڪاررواين جي باوجود ڪو ثبوت ته پري، ڪنهن هڪڙي ڪيس ۾ شهباز شريف تي ڪرپشن جو الزام به لڳائي سگهيا، ان جي باوجود شهباز شريف ڊگهي وقت تائين عقوبت خانن ۽ جيل ۾ قيد و بند جون سختيون برداشت ڪيون.ياد رهي ته هن وقت اپوزيشن جماعت پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا ڪيترائي اڳواڻ جن ۾ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، حمزه شهباز، مفتاح اسماعيل ۽ خواجا سعد رفيق وغيره شامل آهن، جيڪي نيب جي حراست ۾ آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *