نيب جو ريلوي جي اوزارن ۾ بدعنواني تي سعد رفيق خلاف ڇنڊ ڇاڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) نيب ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جي خلاف بدعنواني جي ڇنڊ ڇاڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. قومي احتساب بيورو نيب جي پڌرائي موجب نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق، قومي اسيمبلي ميمبر نواب وساڻ ۽ قانون واري وزير خيبرپختونخواهه امتياز شاهد قريشي جي خلاف جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نيب جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خواجا سعد رفيق جي خلاف ريلوي ۾ بدعنواني جي ڇنڊ ڇاڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب ريلوي سکر ڊويزن جي آفيسرن جي خلاف به اورزان جي خريداري ۾ گهوٻين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي جڏهن ته ٽنڊو آدم کان روهڙي ڪمپيوٽر بيسڊ انٽر لاڪنگ سسٽم لڳائڻ ۾ بدعنواني جي شڪايت تي به جاچ ڪئي ويندي. ان کان سواءِ نيب چيئرمين پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر نواب وساڻ جي خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جي الزام ۽ خيبرپختونخواهه جي قانون واري وزير امتياز شاهد قريشي جي خلاف 111 ڄڻن جي غير قانوني مقرري جي ڇنڊ ڇاڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *