لاهور (م ڊ ) نيب پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز شريف جي گرفتاري لاءِ شهباز شريف جي گهر تي ڇاپو هنيو پر ڪارڪنن جي مزاحمت تي واپس رواني ٿي وئي. نيب جي ٽيم شهباز شريف جي گهر تي ڇاپو هنيو ته سڪيورٽي اهلڪارن کين اندر داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين ۾ منهن ماري پڻ ٿي. ذريعن موجب نيب وٽ حمزا شهباز شريف جي گرفتاري جا وارنٽ به هئا. مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن جي مزاحمت کانپوءِ نيب جي عملدار واپس روانا ٿي ويا، ذريعن موجب حمزا جي گرفتاري لاءِ رينجرز کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ ن پنجاب جي ترجمان ملڪ احمد خان موجب نيب اڳواٽ اطلاع ڏيڻ کانسواءِ شهباز شريف جي ماڊل ٽائون واري گهر 96 ايڇ تي ڇاپو هنيو. هن چيو ته نيب وارا بنا وارنٽ گهر جي تلاشي لاءِ آيا، جڏهن ته حمزا شهباز شريف تنهن وقت گهر ۾ موجود هو. مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب نيب جي ڇاپي جي تصديق ڪندي چيو ته نيب جا 7 کان 8 ماڻهو گهر اندر داخل ٿيڻ چاهين ٿا جڏهن ته نيب اچڻ کان اڳ ڪو به اطلاع نه ڏنو آهي ۽ نه وري سرچ وارنٽ حاصل ڪيو آهي.