ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اين آءِ سي ايل اسڪينڊل جي جاچ واري معاملي ۾ نيب تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڇا ڊائريڪٽر نيب کي به عدالت ڪيس سمجهائيندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين آءِ سي ايل سڪينڊل ۾ سليمان لالاڻي ۽ سر حر رهي خلاف نيب جي جاچ واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي. عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان پُڇيو ته جاچ ڪٿي پهتي، ڇا ڪا اڳڀرائي ٿي آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته جاچ هلي رهي آهي، جلد اڳڀرائي کان آگاهه ڪنداسين. جنهن بعد عدالت نيب جي ڊائريڪٽر کي روسٽرم تي گهرائي ورتو، اُهو به عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو. چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا هاڻ عدالت کي ڊائريڪٽر نيب کي به ڪيس سمجهائڻو پوندو، ڇا ڊي جي نيب کي طلب ڪريون؟ عدالت نيب کي 6 نومبر تائين جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.