اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نيب جو قانون غلط آهي، پر نيب جهڙو آهي اهڙو ئي رهڻ گهرجي، اسان ڀوڳيچڪا آهيون، باقي به ڀوڳين. عدالتي ڪمري ۾ ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته دنيا اسان جي دور م معيشت جي تعريف ڪئي، 19 هزار اسٽاڪ ايڪسچينج کي وڌائي 53 هزار تي آندو، اسان جي چئن سالن جي دور ۾ ڊالر ايترو نه وڌيو جيترو موجوده حڪومت جي ڪجهه مهينن ۾ وڌي ويو آهي. هن چيو ته ملڪي معيشت لاءِ ڪرنسي مضبوط هئڻ گهرجي، 2013ع کان 2017ع تائين اسٽاڪ ايڪسچينج تمام سٺو رهيو، ملڪي معيشت موجوده حڪومت کانسواءِ هر شيءَ کي برداشت ڪري سگهي ٿي. اڳوڻو وزيراعظم چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڊالر وڌي ۽ وزيراعظم کي خبر ئي نه پوي، اسان جي دور ۾ منهنجي فيصلي کانسواءِ ڊالر 10 پئسن کانسواءِ به نه وڌيو، مون کي خبر ناهي ته ڊالر کي هيٺين سطح تي رکڻ لاءِ هٿرادو طريقيڪار ڪهڙو آهي، جيڪڏهن اسان ڊالر کي هيٺين سطح تي رکڻ لاءِ هٿرادو طريقو استعمال ڪيو ته موجوده حڪومت به ڪري وٺي. هن چيو ته اسان جي حڪومت دهشتگردي تي ضابطو آندو، ڪراچي شهر کي پرامن بڻايو، شهباز شريف ڪراچي نه ويو پوءِ فيصل واوڊا کان 500 ووٽن تان هارايو، اسان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو هو، آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب اسان جي دور ۾ معيشت جي گروٿ 6 ڏهائي 6 رهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جي دور ۾ ٽماٽا 20 رپيه ڪلو هو، هاڻي 200 رپين کان وڌيڪ آهي، گئس ۽ ڀاڻ جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪيو ويو آهي،