نيب آرڊيننس ختم، سنڌ اسيمبلي احتساب بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، مخالف ڌر جو بائيڪاٽ

ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي ۾ احتساب بل جي منظوري ڏني وئي آهي. مخالف ڌر بل جي منظوري تي احتجاج ڪيو ۽ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. سنڌ جي گورنر محمد زبير طرفان بل تي اعتراضن کان پوءِ بل کي ٻيهر اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو جنهن تي حڪومتي ميمبرن بل جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تي مخالف پارٽين احتجاج ڪندي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. احتساب جي بل جو نالو سنڌ اڪائونٽيبليٽي رکيو ويو آهي، احتساب جو بل نيب جي جاءِ تي سنڌ ۾ لاڳو ٿيندو ۽ حڪومت پاڻ ڪرپشن ڪندڙن جو احتساب ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *