ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني وقار مهدي ۽ راشد رباني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٽويٽ ذريعي چيو هو ته نيازي جي نااهل نالائق حڪومت اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون پئي ڪري جيڪو به سندن خلاف ڳالهائي ٿو انهي کي انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻائين ٿا. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته 25 جون تي چيو هو نيب کانپوء ھاڻي ٻيا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته هڪڙي مها ڊاڙي وزير پاڻ چيو آهي ته هن اي اين ايف کي خط لکيو آهي آئون ڊڄان نٿو. سعيد غني چيو ته جنوري 2018 ۾ رپورٽ ۾ ان وقت جي ايس ايس پي لکيو هو ته هڪ معذور ڊرگ کپائيندڙ ڇوڪرو سندس آفيس ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ هن منهنجي ڀاءُ تي الزام لڳائي کيس سهولتڪار ڄاڻايو هو جيڪا ڳالهه سراسر ڪوڙي هئي. سعيد غني چيو ته مٿس ڦر جو ڪيس داخل ٿيو جيڪو هن وقت ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته مارچ 2017 ۾ ايس ايس پي جي پوسٽنگ ٿي ۽ مارچ 2018 تي بدلي ٿي ويو هن پاڻ لکيو ته آڪٽوبر 2017کان ڪارروايون شروع ڪيون ويون. سعيد غني چيو ته فيصل لوڌي کي ڊاڪٽر رضوان گرفتار ڪري گوليون هنيون ان خلاف آءِ جي کي شڪايت ڪئي هئي. ٻن سالن بعد ڪليم امام خلاف ڳالهايو ته اها رپورٽ منظر عام تي اچي وئي. سعيد غني چيو ته اسپڪر ڪاميٽي مخالف ڌر جي ميمبرن تي جوڙي ۽ رپورٽ جي جاچ ٿيڻ گهرجي.