نوشهروفيروز:(م ڊ) مورو ويجهو بگهيا ڪيٽي واري جاءِ تي ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ۴ ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا، نوشهروفيروز ويجهو درياءِ سنڌ ۾ بگهيا ڪيٽي واريءَ جاءِ تي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ درياءَ ۾ ۲۴ ڄڻا ٻُڏي ويا، وقعي جو اطلاع ملندي ئي علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت درياءَ ۾ ٻڏندڙ ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کان پوءِ ۱۹ ماڻهن کي بچائي ورتو، جڏهن ته حادثي ۾ ۴ ماڻهو ٻڏي فوت ٿي ويا، جن مان هڪ ڄڻو اڃان تائين لاپتا آهي، جنهن جي ڳولا جاري آهي، پوليس موجب ٻيڙيءَ ۾ عورتن سميت ۲۴ ڄڻا سوار هئا، جيڪي مورو ويجهو ڪچي ۾ مزدوري لاءِ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حادثو ٿي پيو. فوت ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ والم ولد ساوڻ، رام جي، آتم ۽ والد مالهي آهي، فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا.