راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٻهراڙي وارن علائقن جي 40 ڪاليجن جي شاگردن ملاقات ڪئي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي نوجوان نسل جي حوصلاافزائي جي لاءِ جاري پروگرام تحت شاگردن جي 40 رڪني وفد سان ملاقات دوران آرمي چيف چيو ته نوجوان نسل پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي، تعليم اسان جي قومي ترجيح آهي. جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته نوجوان نسل کي بلند مقصدن جي لاءِ بهترين تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي، نوجوان نسل کي قومي وحدت ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. شاگردن جي وفد سان ڳالهيون ڪندي آرمي چيف چيو ته تعليم اسان جي قومي ترجيح آهي.