نوان ڪئنال اڏڻ سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھن:نياز ڪالاڻي

شهدادڪوٽ ( ثمر ڀٽي) جيئي سنڌ قومي محاذ بشير خان قريشي پارٽي جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڪئنال قبول نه آهي نوان ڪئنال اڏڻ سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھن، شھدادڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ وفاقي حڪومت جي سھولتڪار آهي هنن کي رڳو اقتدار کپي باقي سنڌ جي ڀينگ ٿي ته ڀلي ٿئي هنن کي پرواهه ئي نه آهي،هن چيو ته پيپلزپارٽي سميت وفاقي حڪومت کي سمجھڻ گھرجي ته انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھن ڪري ڪو به ڪئنال عوام جي مفاد ۾ ناھي، ان موقعي تي ڪامريڊ پنهل ساريو، جسم اڳواڻ ڪامريڊ حبدار ميرجت،جسقم اڳواڻ صدر قريشي،شهري اتحاد اڳواڻ ڪامريڊ وهاب پندراڻي، ايس يو پي اڳواڻ معتبر چانڊيو ۽آصف لاشاري پڻ گڏ هئا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *