نواز ۽ مريم لاهور روانا، شهر سيل، سوين گرفتار، ياد رکو وقت ساڳيو ناهي رهندو: شهباز

لنڊن/لاهور (م ڊ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز رات دير سان پاڪستان لاءِ روانا ٿي چڪا آهن، جيڪي اڄ شام لاهور پهچندا. پنجاب ۾ گرفتارين تي شهباز شريف چيو آهي ته هو پوليس کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته سدائين وقت هڪ جهڙو نه رهندو آهي. اڳوڻو وزيراعظم ۽ سندس ڌيءُ پاڪستاني وقت موجب رات جو هڪ وڳي ملڪ لاءِ روانا ٿيا، هو خانگي ايئرلائن اي واءِ 423 ذريعي اچن پيا. شيڊيول موجب ابوظهبي ذريعي هو شام6 وڳي لاهور پهچندا، ان سلسلي ۾ نواز شريف جي آجيان لاءِ نواز ليگ ڪارڪنن تياري مڪمل ڪري ڇڏي آهي، شهباز شريف لوهاري گيٽ کان قافلي جي صورت ۾ لاهور ايئرپورٽ پهچندو، جڏهن ته نواز ليگي اميدوار مال روڊ ۽ ريگل چوڪ وٽ جلوس ۾ شامل ٿيندا. هوڏانهن نواز شريف جي گرفتاري لاءِ 16 رڪني ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. نيب ٻن هيليڪاپٽرن جو بندوبست ڪيو آهي. هڪ هيليڪاپٽر لاهور ۽ ٻيو اسلام آباد هوائي اڏي تي بيهاريو ويندو. ڪنهن به ايئرپورٽ تان کين اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويندو. هوڏانهن نواز ليگي ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. پوليس اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي آجيان جون تياريون ڪندڙ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. لاهور پوليس نواز شريف جي آجيان لاءِ تياريون ڪندڙ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ليگ ن جي آفيسن تي ڇاپا هنيا ويا ۽ ڪيترن ئي مقامي اڳواڻن کي به گرفتار ڪيو ويو جنهن بعد ليگي ڪارڪنن طرفان احتجاج ڪيو پيو وڃي. گرفتار ٿيل ڪارڪنن ۾ فيصل ٽائون تحفظ امن ڪميٽي جو چيئرمين عاشر جٽ، ڪاهنا مان مسلم ليگ ن جو وائس چيئرمين محمد شفقت، يوسي 98 چيئرمين مزمل گجر، يوسي78 جو چيئرمين عامر شاهه، يوسي 48 جو چيئرمين چوڌري محمد علي گجر، يوسي 59 جو چيئرمين بائو محمد رفيق، شامل آهي. فيروز والا يوسي 2 مسلم ليگ ن جي چيئرمين شيخ ڪاشف، يوسي 4 ساجد چوهاڻ ۽ جوهرٽائون مان مسلم ليگ ن جو چيئرمين ملڪ نثار احمد کوکر به گرفتار ٿيندڙن ۾ شامل آهي. پوليس يوسي 33 يڪي گيٽ وائس چيئرمين احمد رشيد بٽ جي آفيس ۽ فيروز والا شاهدره پوليس مسلم ليگ ن جي چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جي گهرن تي ڇاپا هنيا جڏهن ته وڌيڪ گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي. لاهور جي مختلف علائقن ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ گرفتارين خلاف احتجاج ڪيو. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ ن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو ته چونڊن جي نتيجن کي قبول نه ڪيو ويندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته پري پول رگنگ تحت مسلم ليگ ن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. هن چيو ته  مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن کي ٽن ڏينهن تائين قيد رکڻ جا حڪم ختم ڪيا وڃن. سندس چوڻ هو ته احتساب عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چئي چڪي آهي ته نواز شريف خلاف ڪرپشن جو ثبوت نه آهي. شهباز شريف چيو ته عام چونڊن ۾ سڀني جي برابر موقعو فراهم نه ڪيو ويو ته بعد ۾ اسان سان شڪايت نه ڪئي وڃي. هن چيو ته عمران خان قلم 144 باوجود لاهور ۾ جلسو ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسان کي روڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته انتظاميه ۽ پوليس ظلم ۽ زيادتيون روڪي، وقت هميشه هڪ جهڙو نه رهندو آهي. شهباز شريف چيو ته 25 جولاءِ جي شام اليڪشن تي سوال اٿيا ته ڪير جواب ڏيندو، نواز شريف پنهنجي ذات نه پر ملڪ لاءِ واپس اچي رهيو آهي. هن چيو ته ڀلي ڪيتري به ڌانڌلي ڪئي وڃي اسان اليڪشن کٽي رهيا آهيون. پنجاب جي نگران گهرو وزير شوڪت جاويد چيو آهي ته هوائي اڏو پابندي مڙهيل علائقو آهي، رڳو ملازم يا مسافر ئي وڃي سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن هوائي اڏي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته قانون حرڪت ۾ اچي ويندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت جاويد چيو ته نواز شريف جي آمد تي رستا بند نه ڪيا ويندا ۽ نه ئي شهر ۾ ڪنٽينر لڳايا ويندا. هن چيو ته نواز شريف جي گرفتاري حڪومت جو ڪم آهي، جيڪڏهن سندن گرفتاريءَ تي مدد گهري وئي ته فراهم ڪنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *