نواز ليگ ۽ پ پ ۾ سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ تي اتفاق ٿي ويو

اسلام آباد: (بيورو)  (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي کي سندس عهدي تان هٽائڻ تي متفق ٿي ويا آهن.  جڏهن ته اهو فيصلو گذريل ڏينهن بلاول ۽ مريم نواز جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو.صادق سنجراڻي گذريل سال پ پ ۽ تحريڪ انصاف جي حمايت سان سينيٽ چيئرمين چونڊيو هو. هن 57 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي راجا ظفر الحق کي 46 ووٽ مليا، هن وقت به مسلم ليگ ن سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي آهي. مسلم ليگ ن، پ پ ۽ جي يو آءِ جا سينيٽ ۾ 46 ميمبر آهن 29  آزاد سينيٽر آهن جنهن ۾ اڪثر جو تعلق مسلم ليگ ن سان آهي.پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جا ٻه سينيٽر آهن، اي اين پي، فنڪشنل ليگ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جو هڪ هڪ ميمبر آهي. تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو تعداد 14، ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جو تعداد 5 جڏهن ته جماعت اسلامي جي ميمبرن جو تعداد 2 آهي. سينيٽ کي هلائڻ لاءِ  چيئرمين جي اهميت هئڻ سان گڏ صدر جي غير موجودگي ۾ وقتي صدر جو عهدو به سنڀاليندو آهي.سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ 53 ميمبرن جي حمايت گهربل آهي، جيڪي مسلم ليگ ن، پ پ، جي يو آءِ ف ۽ ٻيون پارٽيون گڏجي سولائي سان پوري ڪري سگهن ٿيون، اي اين پي پهريان ئي سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري چڪي آهي.  اي اين پي جو اڳواڻ زاهد خان پهريان ئي چيو آهي ته چيئرمين سينيٽ کي نه هٽايو ويو ته عوام بلاول ۽ مريم نواز  تي ڀروسو نه ڪندو.چيئرمين سينيٽ جي خلاف ڪارروائي آئين جي سيڪشن 11 جي تحت ڪئي ويندي آهي. هن سيڪشن ۾ ڏنل طريقيڪار موجب ايوان جا هڪ چوٿائي ميمبر آرٽيڪل 61 جي تحت قرارداد جي لاءِ سيڪريٽري وٽ لکت ۾ نوٽيس جمع ڪرائيندا آهن جنهن جي ڪاپي ميمبرن ۾ ورهائي ويندي آهي ۽ خفيه ووٽنگ ڪرائي ويندي آهي. چيئرمين يا ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جنهن جي خلاف به قرارداد  ايندي آهي ته هو اجلاس جي صدارت ناهي ڪري سگهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *