نواز ليگ کي پارليامينٽ ۾ سادي اڪثريت حاصل، وزيراعظم اپوزيشن جي چوڻ تي استعيفا نه ڏيندو

July 15, 2017 at 3:32 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ نون قومي اسيمبلي جي ميمبر طلال چوڌري چيو آهي ته مسلم ليگ نون کي پارليامينٽ ۾ سادي اڪثريت حاصل آهي وزيراعظم آپوزيشن جي چوڻ تي استعيفا نه ڏيندو، هڪ انٽريون ۾ هن چيو ته سي پيڪ ۽ دهشتگردي ۾ گھٽتائي پاڪستان مسلم ليگ نون جي حڪومت جون وڏيون ڪاميابيون آهن، عوامي عدالت کان شڪست کان پوءَ ڪجھه مخالف سياسي فائدو حآصل ڪرڻ لاءِ عدالت جي ڪلهي کي استعمال ڪري رهيا آهن، نون ليگ جا مخالف چونڊيل حڪومت کي ڪيرائڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ احتساب جي نعري کي استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيوته پاناما پيپر ڪيس هڪ سياسي ڪيس آهي. جنهن کي سياسي ۽ قانوني طور تي منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته جي آئي ٽي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي آهي. جڏهن ته پاناما پيپر ڪيس جو فيصلو سپريم ڪورٽ مان اڃان تائين نه آيو آهي، هن چيو ته اسانجي قانوني ٽيم جي آئي ٽي رپورٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪندي ۽ ثابت ڪيو ويندو ته هو هڪ تعصب تي ٻڌل رپورٽ آهي، هن چيو ته نون ليگ کي پارليامينٽ ۾ سادي اڪثريت حاصل آهي ۽ وزيراعظم آپوزيشن جي چوڻ تي استعيفا نه ڏيندو.

اي پيپر