نواز ليگ جو سياسي جنازو نڪري چڪو آهي نواز شريف عامر ضياءُب الحق جي پيداوار آهي؛شهريار وساڻ

 خيرپور (رپورٽ شاهدنواز سيال )  چيئرمين ضلعي ڪائونسل شهريارخان وساڻ  ڪوٽڏيجي لڳ ڳوٺ جسڪاڻي ۾ پهچي اڳوڻي صوبائي وزير رئيس غلام قاسم جسڪاڻي سان سندس والده  ۽ يوسي جسڪاڻي جي چيئرمين خالد جسڪاڻي سان سندس ڏاڏي جي لاڏاڻي تي ڏک ونڊي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ رياض وساڻ ، عامر جمال ، نديم وساڻ ۽ ٻيا موجود هئا.  ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ضلع ڪائونسل جي چيئرمين شهريار خان وساڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نواز ليگ جو سياسي جنازو نڪري چڪو آهي نواز شريف عامر ضياءُب الحق جي پيداوار آهي ۽ هو جلد جيل ويندو، هن چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي ۽ اسان بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪريون ٿا، هن چيو ته مان پنهنجي محسن منظور وساڻ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جنهن مون کي سياست ۾ آندو آهي ۽ وساڻ ڀائرن جو پ پ ۾ وڏيون قربانيون آهي وساڻ فيملي جو جيئڻ مرڻ پ پ سان گڏ هوندو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *