نواز شريف 4 جولاءِ تي وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو: نبيل گبول
July 1, 2017 at 7:16 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (م ڊ): پ پ اڳواڻ نبيل گبول اڳڪٿي ڪئي آهي ته نواز شريف 4 جولاءِ تي وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو، منظور وساڻ کانپوءِ پ پ جي هڪ ٻي اڳواڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته جي آءِ ٽي ۾ ڪلثوم نوازجي پيشي کان اڳ نواز شريف وزيراعظم نه رهندو، هن چيو ته پاناما اسڪينڊل ۾ نالو اچڻ بعد نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، نبيل گبول چيو ته عام چونڊون نومبر 2017ع ۾ ٿيڻ جا امڪان آهن، سندس چوڻ هو ته نواز شريف ايندڙ چونڊن ۾ وزيراعظم بڻجڻ نه پر عزت بچائڻ بابت سوچي پيو، پ پ اڳواڻ نبيل گبول چيو ته هن ڀيري قدم وڌائڻ نواز شريف اسان توهان سان گڏ آهيون چوڻ وارا به نه آهن.