لاهور(م ڊ) نواز شريف ۽ مريم نواز لاهور ايئرپورٽ تان گرفتار, ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا کاڌل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز لنڊن کان خانگي جهاز اي واءِ 243 ذريعي لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتا ته نيب ٽيم گرفتار ڪري ورتو, نيب ٽيم لاهور ايئرپورٽ تي لينڊنگ دوران جهاز ۾ داخل ٿي نواز شريف ۽ مريم نواز کان پاسپورٽ ضبطه ڪري ورتي، ٻنهي کي جهاز ذريعي اڊيالا جيل نيو ويو، ڪارڪنن جو وڏو انگ ايئرپورٽ ٻاهران موجود, واز شريف جي استقبال لاءِ وڏي انگ ۾ لاءِ نيب جي ٽيم، رينجرز ۽ پوليس جو وڏو انگ پڻ اتي نواز شريف ۽ مريم نواز جو جهاز لاهور ايئرپورٽ تي پهچي ويو آهي. رپورٽن مطابق لنڊن کان شروع ٿيل سفر نيٺ پڄاڻي تي پهتو آهي.ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا کاڌل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز لنڊن کان خانگي جهاز اي واءِ 243 ذريعي لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي چڪا آهن. ن ليگي ڪارڪنن جو وڏو انگ ايئرپورٽ ٻاهريان موجود آهي.جڏهن ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي گرفتار ڪرڻ لاءِ نيب جي ٽيم، رينجرز ۽ پوليس جو وڏو انگ پڻ اتي الرٽ آهي.