راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جي بئرڪن جي سڪيورٽي وڌائي وئي آهي، جڏهن ته کيس جيل اندر ضرورت جون شيون فراهم ڪرڻ لاءِ خدمتگار به فراهم ڪيا ويا آهن. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز کي اڊيالا جيل ۾ ٻيو ڏينهن شروع ٿي چڪو آهي. شريف خاندان جي ڪجهه ماڻهن نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب نواز شريف جيل ۾ ٻي رات گذارڻ کانپوءِ معمول موجب فجر جي نماز ادا ڪئي ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي. نواز شريف ناشتي کان اڳ واڪ ڪئي ۽ دوائون ورتيون پوءِ پنهنجي نياڻي سان گڏ ڊبل روٽي، جيم، چانهن ۽ جوس سان ناشتو ڪيو. نواز شريف اخبارن جي فراهميءَ جو مطالبو ڪيو ته کيس قومي اخبارون فراهم ڪيون ويون. نواز شريف کي بي ڪلاس ۽ مريم نواز کي عورتن جي وارڊ ۾ ڪمرو الاٽ ڪيو ويو آهي. ٻنهين کي قيدين جا يونيفارم فراهم ڪيا ويا آهن جڏهن ته وي آءِ پي جوابدارن جي بئرڪن جي سڪيورٽي به وڌائي وئي آهي. نواز شريف ۽ مريم نواز جي بئرڪن طرفن پوليس اهلڪارن کي به وڃڻ جي اجازت ناهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 2 جڏهن ته مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي هڪ هڪ خدمتگار فراهم ڪيو ويو آهي. مريم نواز جيل ۾ عورتن ۽ ٻارڙن کي پڙهائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.