نواز شريف گهڻي دير خاموش رهيو، هاڻي خاموشي جو دور گذري ويو: مريم نواز

لاهور (م ڊ): اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف گهڻي دير تائين چپ رهيو هاڻي ان جي خاموشي جو دور گذري ويو ۽ ان جون ڳالهيون ٻڌڻ جو حوصلو رکڻ گهرجي، والده بيمار آهي، منهنجي قوم کان ان جي صحتيابي لاءِ دعائن جي اپيل آهي، نواز شريف سڀاڻي والده جي عيادت لاءِ لنڊن وينداسين ۽ ان جي عدم موجودگي ۾ والده جي چونڊ مهم جي ذميداري منهنجي حصي ۾ آئي آهي، جنهن کي ڀرپور انداز ۾ نڀائينديس، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز داتا درٻار تي حاضري ڀري اين اي 120 ۾ چونڊ مهم جي باقاعده شروعات ڪئي، هن داتا درٻار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي، جڏهن ته بيگم ڪلثوم نواز جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نواز شريف بيگم ڪلثوم نواز جي عيادت لاءِ سڀاڻي لنڊن ويندو ۽ ان جي عدم موجودگي ۾ هوءَ بيگم ڪلثوم نواز جي چونڊ مهم جون ذميداريون نڀائيندي، والده سان روزانو ڳالهه ٿيندي آهي، الله ان کي صحت ڏئي، سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته نواز شريف جڏهن ڳالهه ڪندو آهي ته دنيا ٻڌندي آهي، سچ ٻڌڻ جو حوصلو رکڻ گهرجي، نواز شريف ڳالهائيندو ته سڀ ٻڌندا، زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، هر قسم جي حالتن جو مقابلو ڪيو، نواز شريف جو رويو تلخ ناهي، حقيقتون ۽ س بيان ڪرڻو پوندو آهي، الله جنهن حال ۾ رکيو تمام سٺو رکيو اهو وقت به گذري ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *