اسلام آباد: (بيورو) احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نواز شريف ڪيس جو فيصلو مون خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ۽ قانون ۽ شاهدين جي بنياد تي ڏنو.احتساب عادلت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو سامهون اچڻ جي حوالي سان رجسٽرار احتساب ڪورت جج ارشد ملڪ جو بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته مون تي واسطي ۽ بنا واسطي ڪوبه دٻاءُ نه هو، ڪابه لال نظر ۾ نه هئي جڏهن ته مون اهو فيصلو خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي قانون ۽ شاهدين جي بنياد تي ڏنو.جج ارشد ملڪ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پريس ڪانفرنس وسيلي مون تي سنگين الزام هڻِ منهنجي خالاف سازش ڪئي وئي، الزام هڻي منهنجي اداري، منهنجي ذات ۽ منهنجي خاندان جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي.هن چيو ته مرمي نواز صاحبه جي پريس ڪانفرنس ۾ ۾ ڏٺي ويندڙ وڊيوز حقيقتن جي برعڪس آهي، وڊيوز ۾ مختلف موقعن ۽ موضوعن تي ڪيل ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي مذموم ڪوشش ڪئي وئي آهي.احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جو چوڻ آهي ته مان راولپنڊي جو رهواسي آهيان جتي مان جج بڻجڻ کان اڳ وڪالت ڪندو رهيو آهيان، وڊيوز ۾ ڏيکاريل ڪردار ناصر بٽ جو تعلق به ان ئي شهر سان آهي، منهنجي ناصر بٽ سان پراڻي سڃاڻپ آهي، ناصر بٽ ۽ ان جو ڀاءُ عبدالله بٽ ڳچ عرصي کان مختلف وقتن تي مون سان بيشمار ڀيرا ملي چڪا آهن، مريم نواز جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ اهو ضروري آهي ته سچ منظرعام تي آندو وڃي.جج ارشد ملڪ بيان ۾ چيو ته نواز شريف صاحب ۽ سندس خاندان خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي دوران مون کي سندس نمائندن طرفان رشوت جي آڇ ڪئي وئي، مون کي تعاون نه ڪرڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون، ڌمڪين کي مون سختي سان رد ڪندي حق تي قائم رهڻ جو عزم ڪيو.