نواز شريف ڪرپٽ ٽيم جو ڪپتان آهي: عمران خان

ڊيرا غازي خان (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جو چوڻ آهي ته نواز شريف قاضي فيمليءَ جي اڪائونٽن ۾ پيسو وڌو، ايف آءِ اي جي 1998ع جي رپورٽ آهي، نواز شريف مني لانڊرنگ ڪري پيسا ٻاهر موڪليا، ڊيرا غازي خان ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاناما جي انڪشافن مان ثابت ٿو ٿئي ته مي فيئر اپارٽمينٽس جي ملڪيت مريم نواز جي آهي، ڪرپشن ڪري ڪرڪيٽ ٽيم ٺاهي رهيو آهيان جنهن جو ڪپتان نواز شريف هوندو، اڃا تائين ڊيزل جو احتساب ناهي ٿيو، دعا آهي ته انصاف جو نضام طاقتور ۽ ڪمزور کي هڪ نظر سان ڏسي، اسان پاڪستان جي نظام جي لاءِ دعا ٿا ڪريون، ڪرپشن خلاف جدوجهد عدل ۽ انصاف جي جدوجهد آهي، مريم نواز وٽ پئسو نه هو، ان جو مطلب اهو آهي ته هي نواز شريف جو پيسو آهي، عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، ان کي ڏسنداسين، اهڙا ٽول ٻارن کي اڳتي آڻيندا آهن، جمهوري کي اچڻ ناهن ڏيندا، ننڍڙو ٽولو ملڪ ۾ ڪرپشن ڪندو آهي، ادارا تباهه ڪندو آهي، نظريو ختم ٿي ويندو آهي ته قوم ختم ٿي ويندي آهي، مريم نواز فليٽن جي مالڪ نڪتي ته نواز شريف جي موڪل ٿي ويندي، نواز شريف قطري شهزادن جي خط مان فليٽ ثابت نه ڪري سگھيو ته سندس موڪل ٿي ويندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *