نواز شريف کي ڪرپشن جي بنياد تي نااهل ڪيو ويو آهي: عمران خان

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف کي ڪرپشن جي بنياد تي نااهل ڪيو ويو، نواز شريف ٻڌائي ته وٽس اربين رپيه ڪٿان آيا آهن. گجرات ۾ ميمبر سازي مهم کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف جا برطانيا ۾ محل پڪڙيا ويا آهن، جڏهن عدالت نااهل قرار ڏئي ٿي ته چيو وڃي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جو وقت اچي ويو آهي، نواز شريف جو فرض هو ته ٻڌائي ها لنڊن جي محلن لاءِ پئسا ڪٿان آيا؟ سندس چوڻ هو ته سڀني کي خبر آهي ته پنجاب جي ٿاڻن ۾ ڇا ٿيندو آهي، چور جواب ڏيڻ بدران پاڻ سوال ڪري رهيا آهن. عمران خان چيو ته چور جواب ڏيڻ بدران سوال ڪري ته  پوليس کين ڦٽڪا هڻندي. هن چيو ته حڪمرانن قرض کڻي ملڪ کي قرض بڻائي ڇڏيو آهي، بجلي، گئس ۽ پئٽرول تي ٽيڪس هنيو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *