نواز شريف کي فقط عدالتن نا اهل ڪيو پر ملڪ جو عوام به کيس نا اهل سمجهي ٿو؛نفيسه شاهه

خيرپور (رپورٽ: شاهد نواز سيال ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو آهي ته نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز ملڪ ۾ سوچيل سمجهيل سازش تحت پنهنجي نا اهليءَ تي افراتفري پکيڙيندي عوام کي ادارن خلاف ڀڙڪائي رهيا آهن، بلوچستان ۾ تبديلي به نواز شريف جي نا اهلي سبب آئي، پوري پاڪستان ۾ (ن) ليگ جي حڪومت لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار خيرپور ڀرسان ڳوٺ رمضان ملاح کان ڳوٺ بيگماجي تائين 22.635 ملين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ روڊ ۽ ڳوٺ بيگماجي ۾ 3 ملين جي لاڳت سان پيور بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سنڌ ۾ آيو ۽ هن ٺٽي، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد ۾ جيڪي به عوام سان واعدا ڪيا انهن واعدن ۾ هڪڙو واعدو به پورو ناهي ڪيو ويو، هن اڌ اسڪيمن جو افتتاح ڪيو جيڪي شروع ٿيڻ کان اڳ التوا جو شڪار بڻجي ويون آهن گڏاڻي ۾ هن هڪ پاور پلانٽ ۽ قائداعظم سولر پلانٽ جو افتتاح ڪيو پر اهي منصوبا به مڪمل نه ٿي سگهيا آهن عوام کي تمام مهانگي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته نواز شريف کي فقط عدالتن نا اهل ڪيو پر ملڪ جو عوام به کيس نا اهل سمجهي ٿو ۽ هاڻي هو مون کي ڇو ڪڍيو ويو جو روئڻ روئي رهيو آهي کيس ان ڪري ڪڍيو ويو جو هن سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام جو پئسو ٻاهرين ملڪن جي آف شور ڪمپنين ۾ موڪليو ۽ هاڻي کيس پنهنجي گرفتاري نظر اچي رهي آهي نيب کي سندس خلاف ثبوت ملي رهيا آهن جنهن ڪري هو دانهون ڪري رهيو آهي ته پاڻ کي ڪيئن بچائي. هن چيو نواز شريف پهريان به اڊيالا جيل ويو پر آزاد ٿي ويو هاڻي هو اڊيالا جيل ويندو ته ڪوبه ملڪ کيس جڳهه نه ڏيندو ڇوته عوام کي خبر آهي ته هن آف شور ڪمپنيون ٺاهيون، عدالت ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڪوڙ ڳالهايو، دعوائون ۽ وعدا به ڪيا جيڪي ڪوڙا ثابت ٿيا هينئر عام چونڊن ۾ عوام کيس رد ڪري ڇڏيندي. قصور ۾ معصوم نينگري زينب جي واقعي تي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته قصور ۾ 8 معصوم ۽ بي گناهه نياڻين سان زيادتي وارا واقعا ميان شهباز شريف جي ڪارڪردگيءَ جو کليل نمونو آهي معصوم زينب جي شهادت بعد قاتل گرفتار ٿيو جنهن اداري جي نا اهلي هئي ان کي تنبيهه ڪرڻ بدران شهباز شريف انهن لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان ڪيو ۽ تاڙيون وڄايون پر معصوم زينب جي والد چيو ته هنن پاڻ قاتل گرفتار ڪري کين ڏنو جڏهن ته اربين رپين جي فرانزڪ ليب ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر به نا اهل آهن جو هو قاتل به پاڻ گرفتار ڪري ڏين ٿا جنهن سان واضح ٿئي ٿو ته پنجاب حڪومت به نا اهل آهي. هوڏانهن ڊاڪٽر نفيسه شاهه مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي سِول انجنيئرنگ شعبي پاران “سِوليوشن” جي عنوان سان ٻه روزه ميلي جو افتتاح ڪري ميلي ۾ لڳايل مختلف اسٽالن جو دورو پڻ ڪيو. شاگردن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته شاگردن ۾ ٽيلنٽ جي ڪمي نه آهي صرف انهن کي موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي نوجوان اسان جو مستقبل آهن ۽ اسان کي انهن کي جديد دور جي گھرجن پٽاندڙ تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻي آهي.ان موقعي تي ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي جي چئرمين قاضي عزيز الرحمان، پ پ تعلقه صدر حاجي سليمان خان ڪٽوهر، ذوالفقار جانوري ، مسعود نبي ڏوگر ۽ ٻين خطاب ڪيو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *