نواز شريف کي عدليه ۽ عوام مان سزا ملندي، ادارن ۾ ٽڪراءُ ٿيڻ نه ڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور ( م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز شريف کي عوام ۽ عدليه مان سزا ملندي، کيس سعودي عرب سان ڪيل ٺاهه جو به حساب ڏيڻو پوندو. لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف ڄاڻي ٻجهي پاڻ کي ڏکيائي ۾ وڌو اهي، هو چاهي ٿو ته ادارن ۾ ٽڪراءَ ٿي ۽ نظام پٽڙي تان لهي وڃي. هن چيو ته نواز شريف ڊرامي بازي جو ماهر آهي، هو ملڪ ۾ گڙ ٻڙ ڪرڻ چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جڏهن وزيراعظم تڏهن هن عوامي ووٽ جو ڪيترو خيال ڪيو، هو چاهي ٿو ته پارليامينٽ ۽ عدليه ۾ ٽڪراءُ ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف جيڪو گيلاني کي ڏنو تنهن تي پاڻ به کيس عمل ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته هڪ شخص لاءِ قانون پاس نه ٿيڻ گهرجي ها، نواز شريف جي پارٽي صدارت تان نااهلي مسلم ليگ ن جو مسئلو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف هاءِ جيڪنگ ڪيس ۾ به ڊرامو ڪيو، قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙو هئڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تائين عدليه تي سوال اٿندو رهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *