راولپنڊي(م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته اڄ نواز شريف جي حق ۾ فيصلو آيو، کيس عدالت سان محاذ آرائي کان روڪيو هو اڄ به پارٽي سان اختلافن جو سبب عدالتي معاملا آهن. چوڌري نثار راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته 35 سالن کان مسلم ليگ ن ۾ آهيان ۽ مون هميشه پارٽي سان سچ ڳالهايو، نواز شريف سان اختلاف عدالتن خلاف محاذ آرائي آهي. هن چيو ته مون کي مختلف سياسي پارٽين مان آڇ ٿي پر ن ليگ کي نه ڇڏيو، ان کان اڳ جنرل (ر) مشرف مون کي خريدڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن چونڊن ۾ مون کي شڪست ڏيڻ لاءِ 5 اڻ پڙهيل وزير استعمال ڪيا.