نواز شريف کي جيل ۾ وجهڻ جي سازش ٿي رهي آهي: خواجه سعد رفيق

لاهور ( م ڊ ) ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته نواز شريف کي سياست مان تنهن ڪري ڪڍيو ويو جو هو ڪنهن جي اشاري تي نه هلندو آهي، هاڻي کيس جيل ۾ وجهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته 70 ورهين کان سياستدانن کي چور ۽ ڌاڙيل قرار ڏنو ويو آهي، پهريون اسان جا وڏا ۽ هاڻي واري اسان وارو ڏئي رهيا آهيون پر اهو ڪيستائين هلندو رهندو ڪنهن ڪنهن جا منهن بند ڪيا ويندا ۽ ڪنهن ڪنهن کي چور ۽ ڦورو قرار ڏئي ترقياتي ڪمن ۾ رنڊڪ وڌي ويندي. هن چيو ته سياست کي جيترو دٻايو ويندو آهي اوتري ئي شدت سان ٻاهر ايندي آهي،  ماڻهن نه ٿا چاهين ته مقبول ليڊر کي فيصلن ذريعي ڪڍيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪيس داخل ڪري قيادت جي محبت ي عوام جي دلين مان ڪڍي نه ٿو سگهجي. خواجه سعد رفيق چيو ته عوام فيصلي ذريعي نه پر ووٽ ذريعي تبديلي چاهي ٿو. هن چيو ته نواز شريف ڪهڙي ڪرپشن ڪئي آهي، اڳوڻو وزيراعظم جڏهن به اقتدار ۾ ايندو آهي تعمير ۽ ترقي جو طوفان ايندو آهي. سندس چوڻ هو ته  نواز شريف پاڪستان ۾ موٽرويز، موبائيل فون ۽ ترقي  آندي، ميٽرو لاهور ۾ ئي نه پر هاڻي روالپنڊي، اسلام آباد، ملتان ۽ فيصل آباد ۾ به ٺهي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *