نواز شريف کي اقامي تي نه پر ڪوڙ ڳالهائڻ تي ڪڍيو ويو: قمر الزمان ڪائره

لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ قمر الزمان ڪائره چيو آهي ته نواز شريف هر چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪندو هو، ووٽ جو تقدس ڪيئن ياد اچي ويو؟ نواز شريف کي اقامي تي نه پر ڪوڙ ڳالهائڻ تي ڪڍيو ويو، حڪومت ن ليگ جي آهي پر نواز شريف مائنس ٿي چڪو آهي، هن ڪابينا ۽ اسيمبلين کي ڪجهه ناهي سمجهيو، هاڻ جڏهن ته سندس پير سڙيا ته جمهوريت ياد اچي ويس. پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ قمر الزمان ڪائره جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون مري رهيو آهن، اڄ پ پ جي ڪري ئي ملڪ مضبوط آهي. سينيئر اڳواڻ جو چوڻ هو ته 5 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ پ پ جو وڏو جلسو ٿيندو، جنهن ۾ بلاول ڀٽو اڳتي لاءِ حڪمت عملي جو اعلان ڪندو. قمر الزمان چيو ته پ پ جي گولڊن جوبلي تقريبن جو آغاز 30 نومبر کان ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *