پتوڪي (م ڊ) ن ليگ جي قائم مقام صدر شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان ڪي پي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، اڄ نواز شريف مون کي ن ليگ جو قائم مقام صدر بڻايو آهي، نواز شريف کان پارٽي صدارت ته کسجي وئي پر دلين مان محبت نٿي ڪڍي سگهجي، ڇو ته نواز شريف سڄي پاڪستان جو شان آهي ۽ هو سدائين پارٽي قائد رهندو. پتوڪي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف تحريڪ انصاف سربراهه کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عمران خان ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائي قوم کي گاريون سيکارڻ ۾ محنت ڪئي، خان صاحب موجب تحريڪ انصاف 70 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي آهي پر خبر ناهي ته اها بجلي ڪٿي آهي. هن چيو ته ن ليگ نواز شريف جي دور ۾ ساڍن چئن سالن دوران بجلي جا منصوبا لڳائي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، جڏهن ته گذريل 3 سالن کان پنجاب ۾ هارين کي اڌ اگهه تي ڀاڻ ملي رهيو آهي، ملڪ جي تاريخ ۾ عوام کي پهريون ڀيرو بنا سود قرض فراهم ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي شهباز شريف قصور ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ ۽ ٻئي پاسا روڊ جو ڪم هلندڙ سال شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اڄ پنجاب جي اسپتالن ۾ اهي دوائون ملنديون آهن، جيڪي وزيراعظم جو پٽ به کائيندو آهي ۽ يتيم جا ٻار به کائيندا آهن. سندس چوڻ هو ته ايندڙ چونڊون ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جون چونڊون آهن، جن ۾ سڄي پاڪستان ۾ ن ليگ جي حڪومت هوندي. هن چيو ته پشاور جو ميٽرو مسلم ليگ ن ٺاهيندي ۽ هڪ سال ۾ ٺاهيندي، جيڪڏهن ڪراچي جي ماڻهن ووٽ ڏنو ته ان کي به لاهور بڻائينداسين.27