نواز شريف ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

فيصل آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز شريف ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ اسان هن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  پاناما ليڪس ڪرپشن جو وڏو اسڪينڊل آهي، نواز شريف ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن کي ڀڃڻ نه ڏبو. هن چيو ته نواز شريف ملڪ سان راند کيڏي رهيو آهي، غريب ۽ پيٺل طبقي کي انصاف ڏيارڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيالن ثابت ڪري ڇڏيو ته پ پ پنجاب ۾ به زندهه آهي، اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ميان صاحب عوام جو لٽيل ناڻو واپس وٺي رهنداسين، عوام جي ڏکن کي صرف پيپلز پارٽي ئي سمجهيو آهي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻندڙ حڪومت قبول ناهي، ملڪ کي ترقيءَ جي راهن تي ڏسڻ چاهيون ٿا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *