بدين(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز شيرف پنهنجي ننڍي ڀاءُ کان پڇي ته کيس ڇو ۽ ڪنهن ڪڍيو آهي؟ ڇو ڪڍڻ وارو جواب کيس سندس گهران ئي ملي ويندو. بدين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قصور ۾ ٻارن تي ظلم ڇو ٿي رهيو آهي، اتي جوابدارن جي سرپرستي ڪير ڪري رهيو آهي. اسان کي ڏسڻو پوندو ته قصور جا ٻار ايترا غير محفوظ ڇو ٿيا، اسان کي پنهنجي ٻارن کي انصاف ڏيارڻو ۽ مستقبل محفوظ بڻائڻو آهي، اسان سنڌ ۾ ٻارن جي آگاهي لاءِ نصاب بڻايو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف پنهنجي ننڍي ڀاءَ کان پڇي ته کيس ڇو ڪڍيو ويو، ڇو ڪڍيو ويو جو جواب کيس سندس گهران ي مليو ويندو، نواز شريف کي سزا ملي ۽ ننڍي ڀاءَ کي حديبه ڪيس ۾ ڪلين چٽ، نواز شريف کان ملڪ ته ڇا پنهنجو ننڍو ڀاءُ ئي نٿو سنڀالجي. هن چيو ته پنجاب ۾ 2 لاڏلن جي ويڙهه آهي، هڪ لاڏلو چوي ٿو ته اهي اثاثا منهنجا ناهن، ٻيو چوي ٿو ته اها اثاثا منهنجا آهن جڏهن ته هڪ لاڏلي سنڌ جا دورا ڪيا جنهن کي سندس ئي ڪارڪنن ووٽ به نه ڏنا. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ سياسي يتيمن جو ٽولو گڏ ڪيو ويو اهي جنهن ۾ 3 وڏا وزير شامل آهن، تبديلي جو نعرو هڻندي پي ٽي آءِ پاڻ تبديل ٿي وئي آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير تي ڪرپشن جي الزامن جي جاچ ٿي رهي آهي.